Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:33 - Muslim Sindhi Bible

33 هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 هن کي خدا پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، ۽ جيئن پيءُ اڳيئي واعدو ڪيو هوس، تيئن کيس پاڪ روح مليو، جو هن نازل ڪيو آهي، تنهنڪري هي اوهين ڏسو ۽ ٻُڌو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 هو پنهنجي پتا يعني ايشور جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان وچن ڪيل پوِتر آتما وٺي هن اها اسان تي پرگھٽ ڪئي آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 ھو خدا جي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو ويو آھي ۽ سندس پيءُ جي ڪيل واعدي موجب کيس پاڪ روح مليو آھي. ھن خدا جي اھا بخشش ھينئر اسان تي نازل ڪئي آھي، جنھن جو اثر اوھين ھاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:33
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند پنهنجو زورآور هٿ بلند ڪيو آهي! خداوند پوري قدرت سان فتح بخشي آهي!‘


خدا پنهنجي چونڊيل بندن کي اڳي رويا ۾ هيئن فرمايو هو تہ ”مون پنهنجي قوم مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو آهي. هائو، مون هڪڙي جنگي جوڌي کي سندن بادشاهہ بڻايو آهي.


مون خدا جي وفا ۽ شفقت هميشہ انهيءَ ساڻ رهندي، هائو، منهنجي قدرت جي وسيلي هن جو ڳاٽ مٿاهون رهندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، منهنجو ٻانهو ڪامياب ٿيندو. هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، ۽ وڏي درجي کي رسندو.


جيئن تہ هن پنهنجي جان موت جي حوالي ڪئي، تنهنڪري آءٌ خداوند هن کي عزت ۽ طاقت عطا ڪندس. ماڻهن هن کي گنهگار سمجھيو، جڏهن تہ هن گھڻن جا گناهہ پنهنجي سر تي کنيا، ۽ بدڪارن جي شفاعت ڪيائين.“


عيسيٰ شاگردن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ڏسو، آءٌ اوهان تي پاڪ روح نازل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن جو منهنجي پيءُ واعدو ڪيو آهي. پر جيستائين اوهان کي آسمان مان انهيءَ جي طاقت عطا نہ ٿئي تيستائين شهر ۾ رهجو.“


آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو.


پر پوءِ هڪ مددگار يعني پاڪ روح، جيڪو پيءُ منهنجي نالي سان موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندو، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن.


جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جو روح جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.


هاڻي اي بابا! تون پنهنجي حضور ۾ مون کي انهيءَ جلوي ۾ شريڪ ڪر، جيڪو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هو.


هڪڙي دفعي جڏهن اهي سڀيئي شاگرد اچي گڏ ٿيا تہ هن کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منهنجي پيءُ جي ڪيل واعدي جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنهن بابت مون اوهان کي ٻڌايو هو.


مسيح تي ايمان رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ خدا پنهنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ


’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجو روح سڀني ماڻهن تي نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسندا.


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي توفيق ڏئي ۽ سندن گناهہ بخشي ڇڏي.


اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڪ روح اسان کي عطا ڪيو ويو آهي، تنهن جي وسيلي خدا جي اسان سان محبت اسان جي دلين ۾ ڀري ويئي آهي.


هي انهيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراهيم سان واعدي ڪيل برڪت عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن تائين بہ پهچي ۽ اسين سڀيئي ايمان آڻڻ جي وسيلي اهو پاڪ روح حاصل ڪريون جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي.


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو پيغام يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي ايمان آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح خدا پنهنجو واعدو پورو ڪندي اوهان کي بہ پاڪ روح عطا ڪيو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“


اهو پاڪ روح اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جھجھي انداز ۾ اسان تي نازل ڪيو،


پر مسيح هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي گناهن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“


پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.


مسيح جي ئي وسيلي اوهين خدا تي ايمان رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيئرو ڪري عظمت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ئي هجي.


هو آسمان تي وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ ملائڪ، اختياريون ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ