Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:26 - Muslim Sindhi Bible

26 تنهنڪري منهنجي دل خوش آهي ۽ منهنجي زبان خوشيءَ سان ڳالهائي ٿي، بلڪ منهنجو فاني جسم بہ اميد سان ڀريل رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تنهنڪري منهنجي دل سرهي ۽ منهنجي زبان خوش ٿي؛ بلڪ منهنجو جسم بہ اُميد ۾ رهندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 تنهنڪري منهنجي دل خوش آهي ۽ منهنجي زبان خوشيءَ سان ڳالهائي ٿي، بلڪ منهنجو ناس ٿيندڙ شرير بہ اميد سان ڀريل رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 تنھنڪري منھنجي دل خوش آھي ۽ منھنجي زبان خوشيءَ سان ڳالھائي ٿي. بلڪ منھنجو جسم بہ اميد ۾ رھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:26
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري آءٌ پوريءَ طرح امن وَ سلامتيءَ سان رهان ٿو، ۽ پنهنجي دل وَ جان سان خوشيون ٿو ملهايان.


هاڻ تو ئي تہ منهنجي ماتم کي خوشيءَ جي ناچ ۾ تبديل ڪيو آهي. تو ئي تہ مون تان غم جو کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو سندرو ٻڌايو آهي،


آءٌ مُرڪندڙ چپن سان تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، ائين آءٌ ڄڻ سڻڀا سڻڀا طعام کائي ڍءُ ڪندس.


تو مون کي ڇڏايو آهي، سو آءٌ گيت ڳائيندي تنهنجي واکاڻ ڪندس. هائو، آءٌ دل وَ جان سان خوشيون ملهائي تنهنجي تعريف ڪندس.


سو دائود اڳ ۾ ئي عيسيٰ جا لفظ لکيا تہ ’مون تو خداوند کي هر وقت پنهنجي اڳيان ڏٺو، ڇاڪاڻ تہ تون مون سان گڏ آهين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن مون کي ڪو لوڏو نہ اچي.


يقين اٿم تہ تون منهنجي روح کي مئلن جي دنيا ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي پاڪ ٻانهي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ