سنتن جا ڪم 2:17 - Muslim Sindhi Bible17 ’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجو روح سڀني ماڻهن تي نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 تہ ”خدا ٿو فرمائي تہ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، جو آئون پنهنجو روح انسان ذات تي نازل ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، ۽ اوهان جا جوان رويا ڏسندا، ۽ اوهان جا پير مرد خواب ڏسندا: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible17 ’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجي آتما سڀني ماڻهن تي پرگھٽ ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو سنديش ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ درشن ڏسندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament17 خدا فرمائي ٿو تہ ’پوين ڏينھن ۾ ھيئن ٿيندو جو آءٌ پنھنجو روح سڀني ماڻھن تي نازل ڪندس. اوھان جا پٽ ۽ ڌيئرون اڳڪٿيون ڪنديون، اوھان جا جوان رويا ڏسندا ۽ اوھان جا پوڙھا خواب ڏسندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.