Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پر انهن مان ڪي وري ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ ”اهي سڀ مئي جي نشي ۾ آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر ٻين وري ٺٺولي ڪري چيو تہ هي تازي شراب جي نشي ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پر انهن مان ڪي وري ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ ”اهي سڀ مئي جي نشي ۾ آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پر ٻيا وري انھن تي ٺٺوليون ڪري چون پيا تہ ”ھي سڀ نشي ۾ آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، جيڪڏهن مون کي ڳالهائڻ نہ ڏنوَ، تہ آءٌ منجھي منجھي انهيءَ سانداريءَ وانگر ڦاٽي پوندس، جيڪا نئين مئي سان ڀريل هجي.


تنهنجي چپن جي چمي، عمدي مئي کان بہ وڌيڪ سرور واري آهي. ڀلي تہ اها مئي منهنجي محبوب ڏانهن سڌي وڃي، ۽ سندس چپن ۽ ڏندن کي ڇهندي وڃي.


قادرِمطلق خداوند هن صيئون جبل تي دنيا جي سڀني قومن لاءِ هڪ وڏي دعوت ڪندو، هائو، اهڙي دعوت جنهن ۾ سڻڀا۽ عمدا شاهي طعام، ۽ عمدي خالص مئي هوندي.


اسرائيل وارا جنگي جوڌا ٿيندا، ۽ انهن جون دليون مئي پيئندڙن وانگر خوش هونديون. اهي ڳالهيون ياد ڪري سندن اولاد بہ سرهو ٿيندو، ۽ سندن دليون بہ مون خداوند جا هئڻ ڪري خوش هونديون.


آءٌ قادر‌مطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس. پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا. هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا. جيئن قربان‌گاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي، تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.


هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا. هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“


هي ماڻهو مئي پي نشي ۾ نہ آهن جيئن اوهين سمجھو ٿا، ڇو تہ صبح جا اڃا نوَ ئي مس ٿيا آهن.


تنهن هوندي بہ جيڪڏهن سڄي ڪليسيا جا ماڻهو هڪڙي هنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ۽ ڪي اوپرا ۽ غير ايمان وارا ماڻهو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اهي اوهان کي چريو نہ چوندا؟


مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بي‌احتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ دل سان خداوند جي واکاڻ ۾ ڳائيندي وڄائيندي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.


تڏهن عيليءَ چيس تہ ”ڪيستائين تون نشي ۾ هوندينءَ؟ پنهنجو نشو مِٽائي هوش ۾ اچ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ