Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هن کانئن پڇيو تہ ”جڏهن اوهان مسيح تي ايمان آندو هو تہ اوهان کي پاڪ روح مليو هو يا نہ؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”اسان تہ پاڪ روح جو نالو ئي نہ ٻڌو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ انهن کي چيائين تہ جڏهن اوهان ايمان آندو، تڏهن اوهان کي پاڪ روح مليو؟ هنن چيس تہ اسان تہ ٻُڌو بہ ڪونهي تہ ڪو پاڪ روح نازل ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هن کانئن پڇيو تہ ”جڏهن اوهان مسيح تي وشواس آندو هو تہ اوهان کي پوِتر آتما ملي هئي يا نہ؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”اسان تہ پوِتر آتما جو نالو ئي نہ ٻڌو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 انھن کان پڇيائين تہ ”جڏھن اوھان ايمان آندو ھو تہ اوھان کي پاڪ روح مليو ھو يا نہ؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”اسان اڃا تائين پاڪ روح بابت نہ ٻڌو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اها ڳالهہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انهن ماڻهن کي ملڻو هو جن مٿس ايمان آندو هو. پر انهن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو هو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.


پطرس اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ انهن سڀني تي پاڪ روح نازل ٿيو، جيڪي پيغام ٻڌي رهيا هئا.


اهو ٻڌي هنن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتي.


’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجو روح سڀني ماڻهن تي نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسندا.


مون کي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي اوهان کي ڪا روحاني بخشش ملي، جنهن سان اوهين پنهنجي ايمان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر آهي؟ اهو پاڪ روح جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو سو خدا اوهان کي بخشيو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،


ڇا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري خدا اوهان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي ايمان آندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ