سنتن جا ڪم 19:13 - Muslim Sindhi Bible13 تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جي پولس منادي ڪري رهيو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 پر ڪي رولو يهودي، جي ڀوپا هئا، تن هي رستو ورتو، تہ جن ۾ ڀوت هجن، تن کي خداوند يسوع جو نالو وٺي هيئن چون، تہ ”يسوع، جنهن جي منادي پولس ٿو ڪري، تنهن جي نالي جي آئون توکي ڊوهي ٿو ڏيان.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible13 تڏهن هنڌ هنڌ ڦرڻ وارا ڪي يهودي ڀوپا بہ پرڀو يسوع جي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اهي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت هيئن چوندا هئا تہ ”آءٌ تو کي يسوع جو واسطو ٿو ڏيان، جنهن جو پولس پرچار ڪري رهيو آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament13 تڏھن ڪي رولو يھودي جيڪي ڀوپا ھئا سي بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اھي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت ھيئن چوندا ھئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنھن جي پولس تبليغ ڪري رھيو آھي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ سائول جي لشڪر ۾ اٽڪل ڏهہ هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا. جڏهن جنگ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ هر شهر تائين پکڙجي ويئي، تڏهن سائول هڪڙي وڏي غلطي ڪئي جو ماڻهن کي قسم ڏيئي چيائين تہ ”جيستائين شام نہ ٿئي ۽ آءٌ پنهنجي دشمنن کان وير نہ وٺان، تيستائين جيڪو کاڌو کائيندو سو لعنتي ٿيندو.“ تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ ڪا شيءِ چکي بہ ڪونہ.