Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:11 - Muslim Sindhi Bible

11 خدا پولس جي معرفت عجيب نموني سان معجزا ڏيکاريندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ خدا پولس جي هٿان خاص معجزا ڏيکاريندو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ايشور پولس جي معرفت عجيب نموني سان چمتڪار ڏيکاريندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 خدا پولس جي ھٿان غير معمولي معجزا ڏيکاريندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:11
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان،


تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ خداوند عيسيٰ بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. خداوند سندن هٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ٿي ڪيو.


پوءِ سڀني ماڻهن خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اهو بيان ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انهن جي وسيلي غير قومن ۾ ڪرامتون ۽ معجزا ڪيا.


ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڇوڪريءَ مان نڪري ويو.


رسول ماڻهن ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون ڪندا هئا ۽ سڀيئي ايمان وارا هيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ اچي گڏبا هئا.


شمعون پاڻ بہ ايمان آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو. هو وڏا وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.


ڇا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري خدا اوهان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري؟ هرگز نہ، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ اوهان مسيح بابت خوشخبري ٻڌي ايمان آندو آهي.


خدا بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي معجزن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ ڇوٽڪاري جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ