Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو خداپرست غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي عبادت‌خاني جي ڀرسان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پوءِ هو اتان هليو ويو، ۽ هڪڙي شخص طيطس يوستس جي گهر ويو، جو خدا پرست هو، ۽ جنهن جو گهر عبادتخاني سان لڳو لڳ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو ايشور ڀڳت غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي ڀرسان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پوءِ ھو اتان روانو ٿي ھڪڙي شخص طيطس يوستس جي گھر اچي ٽڪيو، جيڪو خداترس ھو ۽ جنھن جو گھر يھودي عبادت⁠خاني جي ڀرسان ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نہ ٻڌندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو خداپرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي هلي ٿو تہ خدا انهيءَ جي ٻڌي ٿو.


هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ديندار ۽ خدا جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو هو.


انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ خداپرست ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي خدا جي هڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“


جڏهن برنباس ۽ پولس يهودين جي عبادت‌خاني مان ٻاهر نڪتا تہ ماڻهن کين منٿون پئي ڪيون تہ اهي وري ٻئي سبت جي ڏينهن تي اچي کين انهن ڳالهين بابت وڌيڪ ٻڌائين.


مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل خداپرست ماڻهو انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”خدا جي انهيءَ فضل تي قائم رهندا اچو.“


تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ خداپرست معزز عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


انهن عورتن ۾ ٿواتيرہ شهر جي لُديا نالي هڪ خداپرست عورت بہ هئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي هئي. خداوند هن جي دل کولي تہ جيئن هوءَ پولس جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي.


انهن مان ڪن يهودين، خداپرست يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ عورتن بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا.


يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي سلام چوي ٿو. مسيح تي ايمان رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ پئي ڪئي آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ