Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت تبليغ ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هاڻي جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيہ مان آيا، تڏهن پولس ڪلام ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍو مشغول هو، ۽ يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت پرچار ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ يسوع ئي مسيح آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 جڏھن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيا مان اچي پھتا تہ پولس ڪلام جي تبليغ ۾ ڏاڍو مشغول ھو. ھن يھودين کي انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:5
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس، تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي. آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو، پر ڪري نہ ٿو سگھان.


پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.


جڏهن خداوند جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن خدا جي قدرت وڏي زور سان مون تي نازل ٿي. آءٌ تلخيءَ ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس.


پر خداوند مون ميڪاہ تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي طاقت، عدل ۽ دليري عطا ڪري ڇڏي آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يعقوب جي اولاد بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن کان آگاهہ ڪريان.


پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي ۽ جيستائين اها پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آهيان.


جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘


جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي).


تہ ماڻهو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف صاف ٻڌاءِ.“


اوهين پڻ منهنجي شاهدي ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهين شروع کان وٺي مون سان گڏ رهيا آهيو.


اوهين خود شاهدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو هو تہ ’آءٌ مسيح نہ آهيان، پر آءٌ انهيءَ کان اڳ موڪليل آهيان.‘


عيسيٰ مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي خدا مئل ۽ جيئرن ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي.


پوءِ رسولن ۽ اڳواڻن سميت سڄي ڪليسيا اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جي ايمان وارن ۾ وڏي عزت هئي.


پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙ هو. سندس ماءُ يهودڻ هئي ۽ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پيءُ يوناني هو.


اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائش‌گاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين.


اتي رات جو پولس رويا ڏٺي جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سائين! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“


هو دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو هئن تہ ”اهو ضروري هو تہ مسيح تڪليفون سهي مري ۽ مئلن مان وري جيئرو ٿي اُٿي.“ هن چين تہ ”هي عيسيٰ جنهن جي آءٌ اوهان جي اڳيان منادي ٿو ڪريان، سو ئي مسيح آهي.“


ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي اڳيان بحث مباحثن ۾ هن مضبوط دليلن سان پاڪ ڪلام مان اهو ثابت ڪيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي. ائين هن يهودين جا وات بند ڪري ڇڏيا.


سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو عيسيٰ، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيو، خدا تنهن کي خداوند بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ قيد ۽ مصيبتون مون لاءِ انتظار ڪري رهيون آهن، جنهن جو چتاءُ پاڪ روح مون کي هر شهر ۾ ڏنو آهي.


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


اهو ناممڪن آهي تہ اسين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن.“


پر سائول جي تبليغ ڏينهون ڏينهن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنهن جي تبليغ مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪئي هئي، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.


جنهن وقت آءٌ اوهان وٽ هئس ۽ ضرورتمند ٿي پيس تڏهن بہ آءٌ ڪنهن تي بار ڪين ٿيس، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا مان ايمان وارن اچي منهنجيون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون هر ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ آئيندہ بہ روڪيندو رهندس.


ٻنهي حالتن ۾ مسيح جي اسان سان محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، ڇاڪاڻ تہ اسين هن نتيجي تي پهتا آهيون تہ جڏهن هڪ شخص سڀني جي لاءِ مري ويو، تڏهن ان جو مطلب آهي تہ اسين سڀ مري ويا آهيون.


آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.


پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو هم‌ايمان ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ خدا جو خادم آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي،


پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي ايمان ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.


آءٌ اوهان ڏانهن هي مختصر خط سيلاس جي مدد سان لکي رهيو آهيان، جنهن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهان کي همتايان ۽ شاهدي بہ ڏيان تہ جيڪو بہ لکيو اٿم سو خدا جو سچو فضل آهي. اوهين انهيءَ تي قائم رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ