Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس زال پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اُتي هن کي اڪولہ نالي هڪڙو يهودي مليو، جنهن جو وطن پنطس هو، ۽ پنهنجي زال پرسڪلہ سان گڏ تازو اطاليہ مان آيو هو؛ ڇالاءِ جو ڪلوديس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم مان نڪري وڃن: ۽ هو انهن وٽ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس پتني پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اتي ھن کي اڪولا نالي ھڪڙو يھودي مليو، جيڪو پنطس جو رھاڪو ھو. ھو اِٽليءَ مان تازو پنھنجي زال پرسڪلا سان گڏ آيو ھو، ڇالاءِ⁠جو شھنشاھہ ڪلوديس حڪم ڏنو ھو تہ سڀ يھودي روم شھر مان نڪري وڃن. سو پولس انھن وٽ آيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي شهنشاهت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو.


ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ ايمان وارن کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.


هو يهودين جي عبادت‌خاني ۾ بي‌ڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن پرسڪلا ۽ اڪولا هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس مسيح بابت خدا واري رستي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.


ڇاڪاڻ تہ اسين پارٿين، مادئين ۽ عيلامين جي ملڪن ۾ رهندڙ توڙي مسوپتاميہ، يهوديہ، ڪپدُڪيا، پنطس، آسيا،


پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شهنشاهہ واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.


اتي صوبيدار ڏٺو تہ اسڪندريہ جو هڪڙو سامونڊي جهاز اِٽليءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي، سو هن اسان کي انهيءَ جهاز ۾ سوار ڪيو.


آسيا صوبي جون ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ سندس زال پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا سميت اوهان کي خداوند عيسيٰ ۾ پرجوش سلام ٿا ڏين.


پرسڪلا ۽ سندس مڙس اڪولا کي ۽ اُنيسفرس جي گھر وارن کي سلام ڏجانءِ.


پنهنجي اڳواڻن سميت مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن سڀني کي سلام ڏجو. اٽليءَ جا ايمان وارا بہ اوهان کي سلام ٿا چون.


هي خط مون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. هي خدا جي انهن چونڊيل ماڻهن ڏانهن ٿو لکجي، جيڪي پرديسين جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدُڪيا، آسيا ۽ بتونيا صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ