Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف‌ورزي ڪندي چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو عيسيٰ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ اُنهن کي ياسون پاڻ وٽ ٽڪايو آهي: ۽ اِهي سڀ قيصر جي حڪمن جي برخلاف ٿا هلن، جو چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، يعني يسوع.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف‌ورزي ڪندي چون ٿا تہ راجا ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو يسوع آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ياسون انھن کي پاڻ وٽ رھايو آھي. اھي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف⁠ورزي ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ بادشاھہ ڪو ٻيو آھي، جنھن جو نالو عيسيٰ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اي بادشاهہ سلامت! ڪي يهودي ماڻهو آهن، جن کي توهان بابل صوبي جي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو آهي، يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، تن توهان جي حڪم جي ڪا پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي. هو توهان جي معبودن جي پوڄا نہ ٿا ڪن، نہ ئي انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪا توهان کڙي ڪرائي بيهاري آهي.“


تڏهن هنن بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”اي بادشاهہ! اهو دانيال جيڪو يهوداہ ملڪ کان پڪڙي آندلن مان آهي، سو نہ اوهان جي پرواهہ ٿو رکي نہ وري اوهان جي صحيح ڪيل حڪم جي، بلڪ هو ڏينهن ۾ ٽي دفعا پنهنجي معبود کان دعا گھري ٿو.“


عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت هلندي هلندي هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جتي مارٿا نالي هڪڙي عورت پنهنجي گھر ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪيو.


اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان.‘“


تنهن تي پلاطس اها ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اهي ماڻهو واڪا ڪندا رهيا تہ ”جيڪڏهن اوهان هن ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوهين قيصر جا سڄڻ نہ آهيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آهي.“


۽ اهڙيون رسمون ڪڍيون اٿن جيڪي اسان رومين کي قبول ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ جائز نہ آهي.“


پر گھڻن يهودين کي حسد ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


انهن ڳالهين سان هنن عام ماڻهن توڙي شهر جي عملدارن کي پريشان ڪري ڇڏيو.


ساڳيءَ طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا خدا هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟


اهڙي نموني ئي اوهين تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي مرضي اها آهي تہ نيڪ ڪم ڪرڻ سان اوهين نادانيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ وارن بي‌وقوف ماڻهن جا وات بند ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ