Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:34 - Muslim Sindhi Bible

34 پوءِ ڪي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا ۽ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندائون. انهن ۾ اريوپگس ڪائونسل جو هڪڙو ڪارڪن جنهن جو نالو ديونسي‌يس هو، دمرس نالي هڪڙي عورت ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شامل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 پر ڪي ماڻهو ساڻس وڃي گڏيا، ۽ ايمان آندائون: منجهن ديونوسوس، جو اريوپگس جو هڪڙو مشير هو، ۽ هڪڙي زال دمرس نالي هئي، ۽ ٻيا بہ ساڻن هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 پوءِ ڪي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندائون. انهن ۾ اريوپگس پئنچائت جو هڪڙو ڪارڪن جنهن جو نالو ديونسي‌يس هو، دمرس نالي هڪڙي ناري ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شامل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 پر ڪي ماڻھو ساڻس اچي گڏيا ۽ ايمان آندائون. انھن مان ھڪڙو ديونيسيُس نالي ھو، جيڪو اريوپگس ڪائونسل جو ميمبر ھو ۽ ھڪڙي عورت دمرس نالي ھئي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:34
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“


جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي انهيءَ پيغام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو.


سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين تعليم آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟


تڏهن پولس ڪائونسل جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رهاڪؤ! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوهين هر ڳالهہ ۾ پنهنجي معبودن جا ڏاڍا تابعدار آهيو،


تڏهن پولس ڪائونسل مان هليو ويو.


انهن مان ڪن يهودين، خداپرست يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ عورتن بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا.


مسيح ۾ سمورا چونڊي پاڪ ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي سلام ٿا ڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ