Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:18 - Muslim Sindhi Bible

18 جيئن تہ پولس عيسيٰ ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جي منادي ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ ڪي اپڪوري ۽ ستوئيڪي فيلسوف بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ هي ڪو ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڀانئجي؛ ڇالاءِ جو هن يسوع ۽ قيامت جي منادي پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جيئن تہ پولس يسوع ۽ سندس وري جيوت ٿي اٿڻ جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪري رهيو هو، سو اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا شاستري ساڻس بحث ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”هي واتوڙي ماڻهو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”هيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بي‌وقوفن آڏو ڏاهپ واريون ڳالهيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جو ڪو قدر نہ ڪندا.


اوهان ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو هوندو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجھي. انهيءَ کان تہ بي‌وقوف مان وڌيڪ اميد آهي.


جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٽنهي شاگردن سان گڏ ٻين شاگردن ڏانهن موٽي اچي رهيو هو تڏهن ڏٺائين تہ انهن جي چوڌاري ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ لڳو پيو آهي ۽ شريعت جا ڪي عالم انهن سان بحث ڪري رهيا آهن.


پوءِ عيسيٰ اتان هليو ويو. تڏهن کان وٺي شريعت جا عالم ۽ فريسي سندس سخت مخالف ٿي پيا ۽ کيس ڦاسائڻ لاءِ کانئس طرح طرح جا سوال پڇڻ لڳا،


اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ڏئي.“


اهي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇاڪاڻ تہ هنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻهن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو.


اهي روزانو هيڪل ۾ ۽ ماڻهن جي گھرن ۾ تعليم ڏيندا ۽ هن خوشخبريءَ جي منادي ڪندا رهيا تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.


پر ڪي ماڻهو سندس مخالفت ۾ بحث ڪرڻ لڳا، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻهو“ نالي يهودين جي هڪ عبادت‌خاني جا رڪن هئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا هئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ آسيا صوبن جا هئا.


هنن دعويٰ ٿي ڪئي تہ ”اسين سياڻا آهيون،“ پر بي‌وقوف ثابت ٿيا.


ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو دنيا جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس بي‌وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي.


اسين تہ مسيح جي خاطر بي‌وقوف ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين طاقتور، اوهين عزت وارا پر اسين بي‌عزت ٿا ليکجون.


خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ گمراهہ ڪندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن دنيا جي ابتدائي اصولن تي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ