Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري انهن مان گھڻن ئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. يونانين مان بہ ڪيترن ئي مردن توڙي مکيہ عورتن ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهنڪري اُنهن مان گهڻن ايمان آندو؛ ۽ يونانين مان بہ گهڻين ئي عزت وارين زالن توڙي مردن ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تنهنڪري انهن مان گھڻن ئي يسوع مسيح تي وشواس آندو. يونانين مان بہ ڪيترن ئي مردن توڙي مکيہ نارين وشواس آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 تنھنڪري انھن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. يونانين مان بہ ڪيترين مکيہ عورتن توڙي مردن ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي ڪائونسل جو هڪ معزز ڪارڪن هو ۽ پاڻ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ خداپرست معزز عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


ساڳيءَ طرح اڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويا ۽ اهڙي نموني تقرير ڪيائون جو گھڻن ئي يهودين ۽ غير قوم وارن عيسيٰ تي ايمان آندو.


هو خدا جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. خداوند عيسيٰ ڏينهون ڏينهن ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن جي جماعت ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انهيءَ وقت اوهين ڇا هئا، جڏهن خدا اوهان کي سڏيو. ماڻهن جي نظر ۾ تہ اوهان مان ڪي ٿورا ڏاها، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا هئا.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


جڏهن تہ دولتمند ايمان واري کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي.


تنهنڪري ناپاڪيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ پيغام کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ