Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:33 - Muslim Sindhi Bible

33 رات جي انهيءَ ئي وقت جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ هڪدم هن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ۽ هن رات جي اُنهي وقت کين وٺي وڃي سندن ڦٽ ڌوتا، ۽ اوڏيءَ مهل ئي هن ۽ سندس سڀني ڀاتين بپتسما ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33 رات جي انهيءَ ئي وقت جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ هڪدم هن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 رات جي انھيءَ پھر ۾ جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ اتي ئي ھن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:33
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن انسان جون راهون خداوند کي پسند اچن ٿيون، تڏهن هو سندس دشمنن کي بہ دوست بڻايو ڇڏي.


انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابراهيم جو اولاد آهين.


پوءِ جڏهن انهيءَ عورت پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند عيسيٰ تي ايمان رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.


گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪيائون تہ کين سخت پهري هيٺ رکيو وڃي.


رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري


پوءِ انهن هن کي ۽ سندس گھر ۾ موجود سڀني ماڻهن کي مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌايو.


ها! مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آهي. پر انهن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنهن ٻئي کي بپتسما ڏني هجي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي جسماني خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.


اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان خدا سان عهد اقرار ڪجي. اها بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جيئري ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ