پوءِ هو بادشاهہ جي حضور ۾ آيا ۽ سندس لکيل حڪم بابت کيس چوڻ لڳا تہ ”اي بادشاهہ! ڇا اوهان اهڙي حڪم تي صحيح نہ ڪئي آهي تہ ٽيهن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو اوهان بادشاهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي يا ڪنهن معبود کي سوال ڪندو تہ انهيءَ کي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويندو؟“ بادشاهہ جواب ڏيندي چيو تہ ”اها ڳالهہ سچي آهي. هي مادئين ۽ فارسين جي قاعدي مطابق آهي، جيڪو بلڪل قائم وَ دائم آهي.“