Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙ هو. سندس ماءُ يهودڻ هئي ۽ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پيءُ يوناني هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هو دربي ۽ لسترہ ۾ بہ آيو: ۽ ڏسو، هڪڙو شاگرد تيمٿيس نالي اُتي هو. هو هڪڙيءَ يهودڻ جنهن ايمان آندو هو، تنهن جو پٽ هو، پر سندس پيءُ يوناني هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو يسوع مسيح تي وشواس رکندڙ هو. سندس ماتا يهودڻ هئي ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پتا يوناني هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پولس دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانھن بہ ويو. اتي تيمٿيس نالي ھڪڙو شاگرد رھندو ھو، جنھن جي ماءُ يھودڻ ھئي ۽ ايمان آندو ھئائين. پر تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن پاڻ ۽ پنهنجي پٽن کي سندن ڌيئرون پرڻايون آهن ۽ خدا لاءِ مخصوص نسل کي غير قومن سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. انهيءَ گناهہ ۾ اڳواڻن ۽ وڏن جو گھڻو هٿ آهي.“


ساڳيءَ طرح اڪونيم ۾ بہ پولس ۽ برنباس يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويا ۽ اهڙي نموني تقرير ڪيائون جو گھڻن ئي يهودين ۽ غير قوم وارن عيسيٰ تي ايمان آندو.


دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي ۽ گھڻا ئي ماڻهو عيسيٰ جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا.


جڏهن انهن کي اها خبر پئجي ويئي تہ هو هڪدم اتان نڪري لوڪئنيا علائقي جي شهرن لسترا ۽ دربي ۽ انهن جي آس‌پاس وارن علائقن ڏانهن هليا ويا.


تڏهن ايمان وارن انهيءَ گھڙيءَ پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رهي پيا.


جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدُنيا مان اچي اتي پهتا تڏهن پولس پنهنجو پورو وقت تبليغ ۾ گذارڻ لڳو. هن يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.


سو هن پنهنجي مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي اڳواٽ مڪدُنيا صوبي ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وڌيڪ عرصو آسيا صوبي ۾ رهي پيو.


مون سان گڏ خدمت ڪندڙ تيمٿيس ۽ منهنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين.


جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بي‌ڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ خداوند جي خدمت جو ڪم پيو ڪري.


انهيءَ سبب مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو خداوند عيسيٰ ۾ منهنجو پيارو ۽ وفادار پٽ آهي. هو اوهان کي مسيح ۾ منهنجي هلت چلت جا اهي نمونا ياد ڏياريندو، جهڙيءَ طرح آءٌ هر هنڌ هر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.


هي خط مون پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنهن جي تبليغ مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪئي هئي، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني عيسيٰ جا ٻانها آهيون. هي خط ڪليسيا جي نگهبانن ۽ خادمن سميت عيسيٰ مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


مون کي اميد آهي تہ خداوند عيسيٰ جي مرضيءَ سان آءٌ تيمٿيس کي جلد اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ جيئن هن کان هڪٻئي جو حال احوال ٻڌي اوهان سان گڏ مون کي بہ دلجاءِ ٿئي.


هي خط مون پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي.


هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي آهي. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي.


پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو هم‌ايمان ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ خدا جو خادم آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي،


پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي ايمان ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.


هي خط مون پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي آهي.


اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت خدا جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو ايمان رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي هجي.


هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو منهنجو پيارو پٽ آهين. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي هجي.


مون کي تنهنجو سچو ايمان ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو ايمان اهو ساڳيو ئي ايمان آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ جو هو.


انهيءَ کان علاوہ تو انهن آزارن ۽ ڏکن سورن ۾ بہ منهنجي پيروي ڪئي آهي، جيڪي انطاڪيا، اڪونيم ۽ لسترا شهرن ۾ مون کي ڏنا ويا. مون ڪيڏا نہ آزار سٺا، پر خداوند عيسيٰ مون کي انهن سڀني مان ڇڏايو.


هي خط مون پولس، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جي خاطر قيد ٿيل آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي. هي خط تو فليمون ڏانهن موڪلجي ٿو جيڪو اسان جو پيارو ۽ هم‌خدمت آهين.


آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان تہ اسان جي ايمان واري ڀاءُ تيمٿيس کي آزاد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو جلد مون وٽ آيو تہ هو بہ مون سان گڏ اچي اوهان سان ملندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ