Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:39 - Muslim Sindhi Bible

39 انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 تنهن تي اهڙو سخت تڪرار ٿيو، جو هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿي پيا. ۽ برناباس مرقس کي وٺي جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانو ٿيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 انھيءَ ڳالھہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو ھو ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:39
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيئن ٿيو جو هنن اتي موسيٰ کي رنجائي ڏاڍو ڪاوڙايو، تڏهن موسيٰ غصي مان پنهنجيءَ قوم کي نامناسب ڳالهايو هو.


مون اهو ئي ڏٺو آهي تہ هر ڪماليت جي حد مقرر آهي، پر تنهنجو حڪم ايڏو تہ وسيع آهي، جنهن جي ڪا حد مقرر ڪانهي.


تنهن هوندي بہ ڌرتيءَ تي اهڙو ڪوبہ سچار ماڻهو ڪونهي جيڪو رڳو نيڪي ئي نيڪي ڪندو رهي ۽ ڪا خطا نہ ٿي هجيس.


پر انهن مان ٻيا جيڪي قبرص ٻيٽ ۽ ڪريني شهر جا هئا، سي انطاڪيا ۾ وڃي غير قومن کي بہ اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.


اهو سمجھڻ کان پوءِ هو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. اتي گھڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعائون گھري رهيا هئا.


پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي رسولن ۽ ڪليسيا جي اڳواڻن کان پڇن.


برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون.


پوءِ اسين صيدا مان روانا ٿياسين، پر جيئن تہ واءُ اڻائو هو تنهنڪري قبرص ٻيٽ جي آڙ وٺي هلياسين.


يوسف نالي هڪ لاوي هو جنهن جو وطن قبرص هو، تنهن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”همت‌افزائي ڪندڙ.“


ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي ايمان آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي رنن‌زالن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي.


ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي سلام چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين انسان گھڻين ئي ڳالهين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪو ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن بہ خطا نہ ٿو ڪري سو ڪامل آهي ۽ پنهنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.


اوهان وانگر چونڊيل ڪليسيا، جيڪا بابل ۾ آهي سا اوهان کي سلام ٿي ڏئي ۽ مرقس بہ سلام ٿو ڏئي، جيڪو مون لاءِ هڪ پٽ جيان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ