Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:33 - Muslim Sindhi Bible

33-34 هنن ڪجھہ ڏينهن اتي گذاريا. پوءِ ايمان وارن خير وَ سلامتيءَ جي دعا ڏيندي کين انهن ڏانهن روانو ڪيو، جن کين موڪليو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ۽ ڪجهہ وقت اُتي گذاري، پوءِ اتي جي ڀائرن کان خير سلامتيءَ سان موڪلائي، اُنهن ڀائرن ڏانهن روانا ٿيا جن موڪليو هون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

33-34 هنن ڪجھہ ڏينهن اتي گذاريا. پوءِ وشواسين سک وَ شانتيءَ جي آسيس ڏيندي کين انهن ڏانهن روانو ڪيو، جن کين موڪليو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33-34 ھنن ڪجھہ وقت اتي گذاريو. پوءِ ڀائرن کان خير وَ سلامتيءَ سان موڪلائي انھن ڀائرن ڏانھن روانا ٿيا، جن کين موڪليو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:33
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائيندين، جيئن اسان تو کي هٿ بہ نہ لاتو هو. اسان تو سان نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين ڪيو هو ۽ تو کي صحيح سلامت روانو ڪيو هو. هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ تون خداوند جو ڀلارو انسان آهين.“


تنهن کان پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يٿرو وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجي ڀائرن وٽ وڃان، جيڪي مصر ۾ آهن. اتي آءٌ وڃي ڏسان تہ اهي اڃا جيئرا آهن يا نہ.“ يٿرو موسيٰ کي چيو تہ ”سلامتيءَ سان وڃ.“


تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“


پوءِ رسولن ۽ اڳواڻن سميت سڄي ڪليسيا اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جي ايمان وارن ۾ وڏي عزت هئي.


سو جيلر پولس کي ٻڌايو تہ ”اعليٰ عملدارن جو حڪم آهي تہ اوهان کي آزاد ڪيو وڃي. تنهنڪري هاڻي اوهين هليا وڃو، شل سدا سلامت هجو.“


تنهنڪري ڪوبہ هن کي حقير نہ سمجھي. بعد ۾ سک ۽ سلامتيءَ سان کيس روانو ڪجو تہ جيئن هو مون ڏانهن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.


ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي بچي ويئي جڏهن انهيءَ شهر جي نافرمانن کي ماريو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل قوم جي جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو هو.


جيڪڏهن ڪو اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي تہ اهڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏجو، نڪي کيس سلام ڪجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ