Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:29 - Muslim Sindhi Bible

29 تہ اوهين اهو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي قربان ڪيو ويو هجي، رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏهن اوهين انهن ڳالهين کان پاسو ڪندا تہ اها اوهان لاءِ چڱي ڳالهہ آهي. شل سدائين سلامت رهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيندا آهن، ۽ رت، ۽ جيڪي جانور گهٽي ماريندا آهن، ۽ زنا، تن سڀني کان پاسو ڪريو؛ ۽ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي انهن کان پاسي رکندا تہ اوهان جي لاءِ ڀلو ٿيندو. شال سلامت رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 تہ اوهين اهو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي ٻليدان ڪيو ويو هجي، رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏهن اوهين انهن ڳالهين کان پاسو ڪندا تہ اها اوهان لاءِ چڱي ڳالهہ آهي. شل سدائين سک وَ شانتيءَ سان رهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 جھڙوڪ: اھو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي، رت ۽ انھيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏھن اوھين انھن ڳالھين کان پاسو ڪندا تہ اھا اوھان لاءِ چڱي ڳالھہ آھي. شال سدائين سلامت رھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:29
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هڪ شيءِ جيڪا اوهان کي کائڻي ناهي، سا آهي رت سوڌو گوشت، ڇاڪاڻ تہ رت جان آهي.


اهو انهيءَ ڪري جو هر ساهواري شيءِ جي زندگي سندس رت ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ بني اسرائيل کي چوان ٿو تہ ’اوهين ڪنهن بہ ساهواري جو رت نہ کائجو پيئجو، ڇو تہ اها سندس زندگي آهي. سو جيڪو بہ اهو کائيندو پيئندو تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.‘


هڪڙي ٻئي بہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! آءٌ اوهان جي پٺيان هلندس، پر پهريائين اجازت ڏيو تہ گھر جي ماڻهن کان موڪلائي اچان.“


پر کين لکي تاڪيد ڪيو وڃي تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙهيون ويون هجن سي هو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري رت ۽ گھُٽي ماريل جانور جو گوشت کائين.


پوءِ موڪلائڻ وقت هن کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي هو سامونڊي جهاز تي چڙهي اِفسس مان روانو ٿيو.


باقي رهيا غير قوم وارا جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي، تن کي اسين فيصلو ڪري لکي موڪلي چڪا آهيون تہ ’اوهين اهو کاڌو نہ کائو، جيڪو بتن تي قربان ڪيو ويو هجي، نڪي رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت کائو جنهن کي گھُٽي ماريو ويو هجي ۽ زنا کان پري ڀڄو.‘“


هاڻ جڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ هن ماڻهوءَ جي خلاف هڪ سازش سِٽي ويئي آهي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏهن انهن کي هن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آهي تہ اوهان وٽ اچي چون.“


جنهن وقت آءٌ اوهان وٽ هئس ۽ ضرورتمند ٿي پيس تڏهن بہ آءٌ ڪنهن تي بار ڪين ٿيس، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا مان ايمان وارن اچي منهنجيون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون هر ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ آئيندہ بہ روڪيندو رهندس.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح خدا جيڪو محبت ۽ سلامتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو.


مگر اوهين رت هرگز نہ کائجو پيئجو، بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو.


ڪنهن ماڻهوءَ کي خدمت لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پاڪ رکجانءِ.


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو.


خدا، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري حضور ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان معمور ڪري بيهاري سگھي ٿو


پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنهن بلق بادشاهہ کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن گمراهہ ڪري جو اهي بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن.


پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ عورت ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي نبياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي ٻانهن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ