Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ سائول، جنهن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آهن، پاڪ روح سان ڀرجي جادوگر ڏانهن چتائي نهاريو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر شائول، جنهن کي پولس بہ چوندا آهن، تنهن پاڪ روح سان ڀرجي ڏانهنس چتائي نهاريو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پوءِ سائول، جنهن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آهن، پوِتر آتما سان ڀرجي جادوگر ڏانهن چتائي نهاريو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پوءِ شائول، جنھن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آھن، پاڪ روح سان ڀرجي جادوگر ڏانھن چتائي نھاريو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند مون ميڪاہ تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي طاقت، عدل ۽ دليري عطا ڪري ڇڏي آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يعقوب جي اولاد بني اسرائيل کي سندن ڪيل گناهن کان آگاهہ ڪريان.


ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ هونديون، پر اوهان جي پيءُ جو روح اوهان جي وسيلي اهي ڳالهيون ڪندو.


عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


تنهن تي عيسيٰ وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.


عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”هي جيڪو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘


اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.


جڏهن انهن دعا گھري پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت خدا جو پيغام بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.


تنهن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي قوم جا اڳواڻو ۽ چڱا مڙ‌‌سؤ!


پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانهن نهاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ