سنتن جا ڪم 13:50 - Muslim Sindhi Bible50 تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ خداپرست معزز عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible50 پر يهودين خدا پرست آبروءَ وارين زالن کي، ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن کي چوريو، ۽ پولس ۽ برناباس تي ظلم کڙو ڪرايو، ۽ هنن کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible50 تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ ايشور ڀڳت مانوارين نارين کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament50 پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.