Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:47 - Muslim Sindhi Bible

47 ڇاڪاڻ تہ خداوند جو هي حڪم اسان لاءِ بہ آهي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آهي، تہ تون سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

47 ڇالاءِ جو خداوند اسان کي هيءُ حڪم ڏنو آهي، تہ ”مون توکي غير قومن جي لاءِ نُور مقرر ڪيو آهي، تہ تون زمين جي ڇيڙي تائين نجات جو وسيلو ٿين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 ڇاڪاڻ تہ پرميشور جو هي حڪم اسان لاءِ بہ آهي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آهي، تہ تون سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ مڪتيءَ جو وسيلو بڻجين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

47 ڇالاءِ⁠جو ھي حڪم خداوند جو آھي جيڪو اسان کي مليو آھي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آھي، تہ تون سڄي زمين جي ماڻھن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:47
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اِجھو، منهنجو پيارو ٻانهو ڏسو، جنهن کي مون طاقت بخشي آهي. هي منهنجو مخصوص ڪيل آهي، جنهن کان آءٌ بيحد خوش آهيان. مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي، سو هو هر قوم کي فوري انصاف مهيا ڪندو.


”مون خداوند تو کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ طاقت عطا ڪئي اٿم، تہ جيئن تون ڌرتيءَ تي انصاف قائم ڪرين. تنهنجي وسيلي آءٌ قومن سان عهد ٻڌندس، ۽ تنهنجي وسيلي آءٌ قومن کي روشني عطا ڪندس.


اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


قومون تنهنجي روشنيءَ ڏانهن هليون اينديون، ۽ بادشاهہ تنهنجي تجليءَ جي چمڪ ڏانهن ڇڪجي ايندا.


اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.


انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“


انهيءَ لاءِ تہ اڳ جيان بني اسرائيل ادوم جي باقي بچي ويلن کي بلڪ انهن قومن کي جيڪي منهنجي نالي سان سڏيا ويندا هئا، تن سڀني کي وري پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آڻين. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس.


بني اسرائيل جا تباهيءَ کان باقي بچي ويل ماڻهو، جيتوڻيڪ گھڻين ئي قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ خداوند انهن کي طاقت ڏيئي ائين قائم رکندو، جيئن ماڪ ۽ مينهن ڌرتيءَ کي تازگي ڏيندا آهن. اهي خدا تي ئي توڪل رکندا، نہ ڪنهن انسان تي.


انهيءَ ڏينهن گھڻيون ئي قومون خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿينديون ۽ سندس قوم بڻبيون. سو جڏهن خداوند اوهان يهوداہ وارن جي وچ ۾ اچي رهندو، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ انهيءَ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو


پوءِ هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڄيءَ دنيا ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريو.


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


پوءِ خداوند عيسيٰ مون کي چيو تہ ’هتان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي غير قومن ڏانهن پري پري موڪليندس.‘“


اهي هي آهن تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ اهو ئي سڀ کان پهريائين مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو، تہ جيئن يهودين توڙي غير قومن کي روشنيءَ جي خبر ڏئي.“


خداوند عيسيٰ هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي خدمت واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، بادشاهن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ