Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سو پاڪ روح جي حڪم موجب برنباس ۽ سائول روانا ٿيا. هو سلوڪيا جي بندرگاهہ تي وڃي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 سو اهي پاڪ روح جي موڪلڻ موجب سلوڪيہ ڏانهن ويا؛ ۽ اتان جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 سو پوِتر آتما جي حڪم موجب برنباس ۽ سائول روانا ٿيا. هو سلوڪيا جي بندرگاهہ تي وڃي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 برنباس ۽ شائول پاڪ روح جي چوڻ موجب پھريائين سلوڪيہ ڏانھن ويا ۽ اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:4
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ خداوند عيسيٰ بابت خدا جو پيغام نہ ٻڌائيندا هئا.


هڪ ڏينهن جڏهن هنن روزو رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي تہ پاڪ روح کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“


سو جڏهن هو روزي سان دعا گھري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.


ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“


رڳو ايترو ڄاڻان ٿو تہ قيد ۽ مصيبتون مون لاءِ انتظار ڪري رهيون آهن، جنهن جو چتاءُ پاڪ روح مون کي هر شهر ۾ ڏنو آهي.


پوءِ اسين صيدا مان روانا ٿياسين، پر جيئن تہ واءُ اڻائو هو تنهنڪري قبرص ٻيٽ جي آڙ وٺي هلياسين.


يوسف نالي هڪ لاوي هو جنهن جو وطن قبرص هو، تنهن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”همت‌افزائي ڪندڙ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ