Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:31 - Muslim Sindhi Bible

31 ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو انهن کي ڏيکاري ڏيندو رهيو، جيڪي ساڻس گليل علائقي کان يروشلم شهر تائين گڏ آيا هئا. اهي هاڻي بني اسرائيل قوم جي اڳيان سندس شاهد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ جيڪي ساڻس گڏ گليل مان يروشلم ۾ آيا هئا، سي گهڻن ڏينهن تائين کيس ڏسندا رهيا، ۽ اُهي ئي اُمت جي اڳيان سندس شاهد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو انهن کي درشن ڏيندو رهيو، جيڪي ساڻس گليل علائقي کان يروشلم شهر تائين گڏ آيا هئا. اهي هاڻي بني اسرائيل قوم جي اڳيان سندس شاهد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھو انھن کي ڏيکاري ڏيندو رھيو، جيڪي ساڻس گليل کان يروشلم تائين گڏ ھئا. اھي ھاڻي بني اسرائيل جي قوم آڏو سندس شاھد آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:31
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يارهن ئي شاگرد گليل علائقي ڏانهن ويا ۽ انهيءَ جبل تي گڏ ٿيا جتي عيسيٰ وڃڻ لاءِ چيو هئن.


اوهين پاڻ انهن ڳالهين جا شاهد آهيو.


اوهين پڻ منهنجي شاهدي ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهين شروع کان وٺي مون سان گڏ رهيا آهيو.


انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آسمان ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي عيسيٰ، جيڪو اوهان وٽان آسمان ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آسمان ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“


هن پنهنجي موت کان پوءِ انهن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ هو جيئرو آهي. هن چاليهن ڏينهن تائين انهن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاهيءَ بابت ڳالهايائين.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


اسين انهن سڀني ڪمن جا شاهد آهيون، جيڪي هن يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ علائقي ۾ ڪيا هئا. تڏهن بہ انهن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماريو.


خدا سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيئرو ٿي اٿيو.


انهيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون.


اهڙيءَ طرح اوهان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون.


اسين انهن ڳالهين جا شاهد آهيون بلڪ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جيڪي سندس فرمانبردار آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ