Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:30 - Muslim Sindhi Bible

30 پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 پر خدا کيس مُئلن مان جياريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 پر ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ جيئن هن چيو هو تيئن ئي هو جيئرو ٿي اٿيو آهي. هيڏانهن اچو ۽ اها جاءِ ڏسو جتي هو پيل هو.


آءٌ پنهنجي جان ڏيان ٿو تہ جيئن اها وري موٽائي وٺان. انهيءَ عمل جي ڪري پيءُ مون سان پيار ٿو ڪري.


عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“


پر خدا ٽئين ڏينهن تي کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ظاهر ڪيو.


خدا انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ عيسيٰ کي جيئرو ڪري اهو واعدو پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ ’تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان.‘


باقي اها ڳالهہ تہ خدا انهيءَ کي اهڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو هو وري ٻيهر ڪڏهن بہ نہ مرندو، تنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيل پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘


پر جنهن کي خدا مئلن مان وري جيئرو ڪيو، تنهن تي ڳرڻ سڙڻ واري تہ حالت ئي ڪين آئي.


ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“


پر خدا هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيئرو ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


انهيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون.


ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، هائو، اسان جي وڏن جي خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي عظمت بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


اهڙيءَ طرح اوهان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون.


انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ