Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:29 - Muslim Sindhi Bible

29 پوءِ جڏهن انهن جي هٿان پاڪ ڪلام ۾ هن بابت لکيل اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿيون، تڏهن انهن سندس لاش کي صليب تان لاهي قبر ۾ رکي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ جيڪي ڳالهيون سندس بابت لکيل هيون، سي سڀ جڏهن پوريون ڪيائون، تڏهن هن کي صليب تان لاهي قبر ۾ رکيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 پوءِ جڏهن انهن جي هٿان پوِتر شاستر ۾ هن بابت لکيل اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿيون، تڏهن انهن سندس لاش کي سوليءَ تان لاهي قبر ۾ رکي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 جڏھن اھي سڀ ڳالھيون پوريون ڪيائون جيڪي صحيفي ۾ لکيل ھيون، تڏھن ھنن سندس لاش کي صليب تان لاھي قبر ۾ رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:29
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شام ٿي چڪي هئي ۽ اها شام سبت جي ڏينهن کان اڳئين تياريءَ جي ڏينهن جي هئي.


اتي يوسف نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو يهوديہ جي شهر ارمٿيا جو رهاڪو هو. هو يهودي ڪائونسل جو نيڪ ۽ عزت وارو ڪارڪن هو ۽ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو. ڪائونسل جي ڪارڪن هوندي بہ هو انهن جي راءِ ۽ عمل ۾ شريڪ نہ ٿيو هو.


پوءِ هن لاش هيٺ لهرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙهي هڪ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل هئي.


پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ توريت، زبور توڙي ٻين نبين جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


پوءِ جڏهن عيسيٰ ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پاڪ ڪلام جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“


عيسيٰ اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين.


پر يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن اڳواڻن عيسيٰ کي نہ سڃاتو ۽ نہ وري هنن نبين جي لکتن کي سمجھيو، جيڪي هر سبت جي ڏينهن تي پاڪ ڪلام مان پڙهيون وينديون آهن. اٽلندو مٿس موت جو فيصلو ڏيئي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح نبين جون لکتون سچيون ثابت ٿيون.


خدا جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب عيسيٰ کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.


توڙي جو اوهان عيسيٰ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا کيس وري جيئرو ڪيو.


پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيئرو ڪيو ويو جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ