Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اهڙيءَ طرح ساڍا چار سؤ سال گذري ويا. ان کان پوءِ خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انهن لاءِ رهبر مقرر ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ اِنهن ڳالهين کانپوءِ هنن لاءِ سموئيل نبيءَ جي زماني تائين قاضي مقرر ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اهڙيءَ طرح ساڍا چار سؤ سال گذري ويا. ان کان پوءِ ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت سموئيل جي زماني تائين انهن لاءِ رهبر مقرر ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 اھڙيءَ طرح ساڍا چار ⁠سؤ سال گذري ويا. تڏھن خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انھن لاءِ رھبر مقرر ڪندو رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان رهبر مقرر ڪيا هئا. آءٌ تو کي تنهنجي سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ آءٌ تو تي پڌرو ٿو ڪريان تہ آءٌ خداوند تو مان هڪڙو گھراڻو قائم ڪندس.


رهبر جيڪي بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندا هئا، تن جي زماني کان وٺي ويندي اسرائيل ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي زماني تائين اهڙي عيد فصح ڪڏهن بہ نہ ملهائي ويئي هئي،


جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ هئس، اتي بني اسرائيل جي جن بہ رهبرن کي مون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبريءَ لاءِ مقرر پئي ڪيو، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ ڪڏهن ائين چيو اٿم ڇا تہ هنن منهنجي لاءِ ديال جي ڪاٺيءَ جو گھر ڇو نہ جوڙيو آهي؟‘


سموئيل کان وٺي جيڪي بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي.


پوءِ خداوند انهن لاءِ رهبر مقرر ڪيا، جن انهن کي ڦورن جي هٿن مان ڇڏايو.


خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو ۽ هو بني اسرائيل جو رهبر ٿيو. تڏهن غتني‌ايل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ خداوند کيس بادشاهہ ڪوشن رسعتيم تي فتح ڏني.


جنهن زماني ۾ رهبر بني اسرائيل تي راڄ ڪندا هئا، تنهن زماني جي ڳالهہ آهي تہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو. سو يهوداہ واري علائقي جي شهر بيت‌لحم مان هڪڙو ماڻهو پنهنجيءَ زال ۽ ٻن پٽن سميت اهو وقت گذارڻ لاءِ موآب ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.


تڏهن خداوند جِدعون، برق، افتاح ۽ آخر ۾ مون سموئيل کي موڪليو. اسان مان هر ڪنهن اوهان کي اوهان جي دشمنن، جيڪي اوهان جي چوڌاري هئا، تن جي هٿان ڇڏايو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.


تنهنڪري سڄي بني اسرائيل کي، دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ