Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پولس ۽ برنباس وارا پرگا مان پسديا علائقي واري انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينهن يهودين جي عبادت‌خاني ۾ وڃي ويٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر هو پرگا مان لنگهي پسديہ واري انتاڪيہ شهر ۾ آيا، ۽ سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي ويٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پولس ۽ برنباس وارا پرگا مان پسديا علائقي واري انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي ويٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ھو پرگا مان پسديا واري انتاخيا ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينھن يھودي عبادت⁠خاني ۾ وڃي ويٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي هئي. سبت جي ڏينهن تي پنهنجي دستور موجب هو عبادت‌خاني ۾ ويو ۽ پاڪ ڪلام پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو.


جڏهن برنباس ۽ پولس يهودين جي عبادت‌خاني مان ٻاهر نڪتا تہ ماڻهن کين منٿون پئي ڪيون تہ اهي وري ٻئي سبت جي ڏينهن تي اچي کين انهن ڳالهين بابت وڌيڪ ٻڌائين.


ٻئي سبت جي ڏينهن تي اٽڪل پورو شهر مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو.


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ خدا جو اهو پيغام پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


جڏهن هو اتي سلميس شهر ۾ پهتا، تڏهن يهودين جي عبادت‌خانن ۾ مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳا. يوحنا عرف مرقس جيڪو انهن سان گڏ هو، تنهن هن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.


پوءِ پسديا علائقي واري انطاڪيا ۽ اڪونيم کان ڪي يهودي اچي اتي پهتا ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڦيري ويا. هنن پولس کي پٿر هڻايا ۽ مئل سمجھي کيس شهر مان گهلي ٻاهر ڦٽو ڪيائون.


سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي عبادت لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن عورتن سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون.


پولس پنهنجي دستور موجب سندن عبادت‌خاني ۾ ويو ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن تي هو پاڪ ڪلام مان ساڻن بحث پيو ڪندو هو.


هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.


پولس ٽن مهينن تائين يهودين جي عبادت‌خاني ۾ وڃي بي‌ڊپو ٿي ڳالهائيندو هو. هو ماڻهن سان خدا جي بادشاهيءَ بابت بحث ڪندو هو ۽ کين مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.


هو جلد ئي يهودين جي عبادت‌خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.


انهيءَ کان علاوہ تو انهن آزارن ۽ ڏکن سورن ۾ بہ منهنجي پيروي ڪئي آهي، جيڪي انطاڪيا، اڪونيم ۽ لسترا شهرن ۾ مون کي ڏنا ويا. مون ڪيڏا نہ آزار سٺا، پر خداوند عيسيٰ مون کي انهن سڀني مان ڇڏايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ