Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ خداوند عيسيٰ بابت تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس ايمان آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن حاڪم هي حال ڏسي خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو، ۽ ايمان آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ پرڀو يسوع بابت سکيا تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس وشواس آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جڏھن گورنر ھي حال ڏٺو تہ خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ ايمان آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو خدا جو فرزند هو.“


سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا مهر ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“


انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”هڪڙو وڏو نبي اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. خدا پنهنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آهي.“


پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“


جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي انهيءَ پيغام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو.


ائين مسيح بابت خداوند جو پيغام انهيءَ علائقي ۾ هنڌين ماڳين پکڙجي ويو.


هو ٻيٽ جي رومي گورنر سرگيس پولس، جيڪو هڪڙو ذهين شخص هو تنهن جو درٻاري هو. انهيءَ گورنر برنباس ۽ سائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي انهيءَ پيغام کي ٻڌڻ لاءِ سندس دل پئي چاهيو.


پر بريسوع عرف اليماس، جنهن جي معنيٰ آهي ”جادوگر،“ تنهن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي.


جڏهن تہ پولس ۽ برنباس انطاڪيا ۾ ترسي پيا ۽ گھڻن ئي ٻين ماڻهن سان گڏجي مسيح بابت خداوند جي پيغام جي تعليم ڏيندا ۽ ان جي تبليغ ڪندا رهيا.


ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”هل تہ جن جن شهرن ۾ اسان مسيح بابت خداوند جو پيغام ٻڌايو آهي، اتي انهن ڀائرن ڀينرن وٽ وري هلون ۽ ڏسون تہ انهن جو ڪهڙو حال آهي.“


پر جڏهن گَليو نالي هڪ شخص يونان جي صوبي اخيا جو گورنر بڻيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي گورنر جي درٻار ۾ وٺي آيا.


اهو سلسلو ٻن سالن تائين هلندو رهيو ۽ جيڪي آسيا صوبي جا يهودي ۽ غير قوم وارا هئا تن سڀني مسيح بابت خداوند جو پيغام پئي ٻڌو.


اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام بيحد پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.


تنهنڪري ديميتريُس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ ڪورٽ کُلي پيئي آهي ۽ جج ويٺا آهن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.


اهي سڀيئي اٽڪل ٻارهن ڄڻا هئا.


اتي ڀرسان ئي انهيءَ ٻيٽ جي سردار پُبليس جي جاگير هئي. هن اسان کي پنهنجي گھر وٺي وڃي سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اسين ٽن ڏينهن تائين سندس مهمان ٿي رهياسين.


پر پاڪ روح استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


مسيح بابت خدا جي پيغام ٻڌائڻ ۽ پنهنجي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي هنن سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ