سنتن جا ڪم 13:11 - Muslim Sindhi Bible11 سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آهي. هاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ عرصي تائين ڏينهن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏهن هڪدم هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداهي اچي ويئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 هاڻي ڏس، تو تي خداوند جي مار پوندي، ۽ تون انڌو ٿي پوندين، ۽ ڪجهہ مدت تائين سج بہ ڏسڻ ۾ ڪين ايندءِ.“ ۽ هڪدم هن تي ڌنڌ ۽ اونداهي اچي پيئي؛ ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible11 سو ٻڌ، تو تي پرميشور جي مار اچي پيئي آهي. هاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ عرصي تائين ڏينهن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏهن هڪدم هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداهي اچي ويئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament11 سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آھي. ھاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ مدت تائين ڏينھن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏھن ھڪدم ھن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداھي اچي ويئي ۽ ھو ھيڏانھن ھوڏانھن ھٿوراڙيون ھڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس ھٿ کان وٺي ھلي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.
سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي سڀني سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ پوءِ کين چيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي ان جي اصلوڪي جاءِ ڏانهن واپس موڪلي ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ متان اها اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي.“ جيئن تہ خداوند جو هٿ اُتي ايتري تہ سختيءَ سان اچي پيو هو جو سڄي شهر ۾ موتمار ٿرٿلو پئجي ويو هو.