Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:9 - Muslim Sindhi Bible

9 سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رهيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 سو هو ٻاهر نڪري سندس پٺيان ويو؛ ۽ ايتري خبر نہ پيس تہ جيڪي ملائڪ ٿو ڪري، سو سچ پچ ائين آهي، پر ڀانيائين تہ آئون ڪا رويا ٿو ڏسان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ دوت ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪو درشن ڏسي رهيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳو، پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رھيو ھو تنھن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رھيو آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن کيس ٻڌايو تہ ”يوسف اڃا جيئرو آهي ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي.“ اهو ٻڌي يعقوب وائڙو ٿي ويو ۽ کيس هنن جي ڳالهين تي يقين نہ آيو.


سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خدا کيس فرمايو هو.


جڏهن خداوند صيئون جي خوشحاليءَ کي وري بحال ڪيو، تڏهن اسين اهڙا خوشحال ٿياسين ڄڻ تہ اهو ڪو خواب هو.


تنهن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“


پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪا رويا مون کي ڏيکاري ويئي آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ خدا جي هڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“


”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ دعا گھري رهيو هئس تہ مون کي رويا ڏيکاري ويئي تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي.


پوءِ ملائڪ چيس تہ ”سندرو ٻڌ ۽ جتي پاءِ.“ هن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس تہ ”پنهنجو جبو پاءِ ۽ منهنجي پٺيان هليو اچ.“


”سو اي بادشاهہ اگرپا! مون آسمان مان جيڪا رويا ڏٺي، تنهن کان منهن نہ موڙيو اٿم.


دمشق ۾ حننياہ نالي خداوند عيسيٰ جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي رويا ۾ خداوند عيسيٰ چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا خداوند!“


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ