Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن ڪليسيا جي ماڻهن هن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 سو پطرس تہ قيدخاني ۾ پهري هيٺ هو؛ پر ڪليسيا سندس لاءِ ڏاڍيءَ دل سان خدا کان دعا پئي گهُري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن منڊليءَ جي ماڻهن هن لاءِ تن ۽ من سان ايشور کي پرارٿنائون پئي ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 پطرس تہ جيل ۾ پھري ھيٺ ھو، پر ڪليسيا جي ماڻھن ھن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ دعا گھرندا تہ منهنجو آسمان وارو پيءُ اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو،


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ


اهو سمجھڻ کان پوءِ هو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. اتي گھڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعائون گھري رهيا هئا.


هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.


جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو.


جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.


جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين دعائن جي وسيلي اسان تي فضل ٿي ويندو، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو خدا جو شڪرانو ڪندا.


قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي دعا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ