Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي تهوار کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھن پطرس کي پڪڙڻ کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پھري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاھين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. ھيروديس جو منصوبو ھو تہ ھو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻھن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:4
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قاصدن ذريعي اهي خط شهنشاهت جي سڀني صوبن ڏانهن اُماڻيا ويا، جن ۾ لکيل هو تہ ”ٻارهين يعني ادار مهيني جي تيرهين تاريخ هڪ ئي ڏينهن تي سڀني يهودين، ننڍن توڙي وڏن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي ڪهي نيست وَ نابود ڪيو وڃي ۽ انهن جو مال ملڪيت لُٽيو ڦريو وڃي.“


پوءِ مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ


ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.


ايندڙ وقت بابت ٻٽاڪ نہ هڻو، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ هاڻي يا هاڻي کان پوءِ ڇا ٿيندو.


هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟


ان وقت اوهان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ پڪڙايو ويندو. جيئن تہ اوهين منهنجا پوئلڳ آهيو سو سڀني قومن جا ماڻهو اوهان سان دشمني رکندا.


پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينهن ائين نہ ڪريون متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“


فصح ۽ بي‌خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻي هئي. سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.


پر هنن ڳالهين ٿيڻ کان اڳي ئي منهنجي نالي جي ڪري اوهين سوگھا ڪيا ويندا، اوهان کي ستايو ويندو، عبادت‌خانن جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو ويندو، جيلن ۾ وڌو ويندو ۽ بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.


پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


پوءِ سپاهي جڏهن عيسيٰ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، هر ڪنهن لاءِ هڪ هڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻ‌سبيل هو ۽ مٿي کان هيٺ تائين سڄو ئي هڪڙي ڪپڙي جو ٺهيل هو.


آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون نوجوان هئين تہ پنهنجو سندرو پاڻ ٻڌندو هئين ۽ جيڏانهن تو کي وڻندو هو اوڏانهن گھمندو ڦرندو هئين. پر جڏهن تون پوڙهو ٿيندين تڏهن پنهنجا هٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلهہ سان سندرو ٻڌي اوڏانهن وٺي ويندو جيڏانهن وڃڻ لاءِ تنهنجي دل نہ چوندي.“


جڏهن هن ڏٺو تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي آهي، تڏهن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اهي بي‌خميري مانيءَ جي عيد جا ڏينهن هئا.


جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن ڪليسيا جي ماڻهن هن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.


سو هنن ٻنهي رسولن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي هئي، تنهنڪري ٻئي ڏينهن صبح تائين هنن کي جيل ۾ رهايو ويو.


۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون.


سائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن توڙي عورتن کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ