Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:21 - Muslim Sindhi Bible

21 سو هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري شاهاڻي پوشاڪ پهري عدالت واري تخت تي اچي ويٺو ۽ انهن ماڻهن جي اڳيان تقرير ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 پوءِ هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري بادشاهي پوشاڪ ڍڪي تخت تي اچي ويٺو، ۽ سندن اڳيان هڪڙي تقرير ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 سو هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري راجائي پوشاڪ پهري عدالت واري تخت تي اچي ويٺو ۽ انهن ماڻهن جي اڳيان تقرير ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 سو ھڪڙو ڏينھن مقرر ڪري ھيروديس شاھاڻي پوشاڪ پھري تخت تي اچي ويٺو ۽ انھن ماڻھن جي اڳيان ھڪڙي تقرير ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:21
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل جو بادشاهہ اخي‌اب ۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط پنهنجي پنهنجي شاهاڻي پوشاڪ پهريو ڪرسين تي سامريہ شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ ڳاهہ جي پِڙ جي ڀرسان ويٺا هئا ۽ سڀني نبي سڏائيندڙن سندن اڳيان اڳڪٿيون ٿي ڪيون.


دهشتناڪ آواز هنن جي ڪنن ۾ گونجندا ٿا رهن، سندن سک ۽ سانت جي ڏينهن ۾ ڦُرلٽ ڪرڻ وارا اچي مٿن ڪڙڪندا.


مغروري انسان کي تباهيءَ ڏانهن وٺيو وڃي، پر نماڻائي انسان کي عزت واري مقام تي ٿي پهچائي.


سو پاتال پنهنجو حرص وڌائيندو، ۽ پنهنجو وات حد کان وڌيڪ کوليندو، ۽ اوهان شور شرابو ڪندڙ عياشن، توڙي اوهان جي سردارن کي ڳهي ويندو.


اوهين هي بہ چئو ٿا تہ ’ڪافر ماڻهو نيڪ‌بخت آهن، بدڪار ماڻهو وڌن ويجھن ٿا ۽ انحرافي ڪرڻ کان پوءِ بہ سزا کان بچي ٿا وڃن.‘“


اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“


جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.


تنهن تي ماڻهو وڏي آواز ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪو انسان تہ نہ، پر خدا ٿو ڳالهائي.“


پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي ڪائونسل جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.


ٻئي ڏينهن تي اگرپا ۽ برنيڪي وڏي شان وَ شوڪت سان درٻار هال ۾ داخل ٿيا. هنن سان فوجي ڪپتان ۽ معزز شهري بہ ساڻ هئا. تڏهن فيستس جي حڪم تي پولس کي پيش ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ