Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر مون چيو تہ ’اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پر مون چيو تہ اي خداوند، هرگز نہ: ڇو جو ڪابہ حرام يا ناپاڪ شيءِ ڪڏهن بہ منهنجي وات ۾ نہ ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پر مون چيو تہ ’اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا اپوِتر شيءِ نہ کاڌي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پر مون چيو تہ ’خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اڄ ڏينھن تائين ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين خداوند جي چونڊيل ملڪ ۾ رهي نہ سگھندا، اوهان مان ڪي مصر ڏانهن واپس هليا ويندا، تہ ڪن کي وري اشور ملڪ ۾ حرام کاڌو کائڻو پوندو.


ان جو سبب هي آهي تہ اوهين مون خدا لاءِ مخصوص ٿيل شين ۽ عام شين ۽ حرام ۽ حلال جي وچ ۾ فرق معلوم ڪري سگھو.


انهيءَ لاءِ جو اوهان کي پاڪ ۽ ناپاڪ جي وچ ۾ ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي.“


انهن ڏٺو تہ عيسيٰ جا ڪي شاگرد پنهنجا هٿ ڌوئي پاڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي پليت هٿن سان ماني کائين ٿا پيا.


۽ هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن مون کي چيو تہ ’پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.‘


تنهن تي وري آسمان مان آواز آيو تہ ’جنهن شيءِ کي خدا پاڪ ڪيو آهي تنهن کي پليت نہ چئُہ.‘


آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود حرام هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو حرام سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ حرام آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ