Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اهي خبرون جڏهن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ سندن هيءَ خبر يروشلم واريءَ ڪليسيا جي ڪنن تائين وڃي پهتي: ۽ اُنهن برناباس کي انتاڪيہ تائين موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 اهي خبرون جڏهن يروشلم جي وشواسي منڊليءَ ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ھي خبرون جڏھن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پھتيون تہ انھن برنباس کي انتاخيا ڏانھن موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رسولن ۽ سڄي يهوديہ جي ايمان وارن ٻڌو تہ غير قومن بہ مسيح بابت خدا جو پيغام قبول ڪيو آهي.


استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ خداوند عيسيٰ بابت خدا جو پيغام نہ ٻڌائيندا هئا.


پر انهن مان ٻيا جيڪي قبرص ٻيٽ ۽ ڪريني شهر جا هئا، سي انطاڪيا ۾ وڃي غير قومن کي بہ اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳا.


جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين ڪليسيا جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي تعليم ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو ايمان وارا پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.


انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي ايمان رکندڙ جيڪي خدا جو پيغام ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا.


پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي رسولن ۽ ڪليسيا جي اڳواڻن کان پڇن.


پوءِ رسولن ۽ اڳواڻن سميت سڄي ڪليسيا اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جي ايمان وارن ۾ وڏي عزت هئي.


قيصريہ بندرگاهہ تي لهي هو يروشلم ڏانهن ويو ۽ اتي جي ڪليسيا کي سلام ڪري انطاڪيا ڏانهن روانو ٿي ويو.


رسولن جي صلاح تي سڄي جماعت خوش ٿي. سو انهيءَ جماعت هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤ‌س جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي مذهب ۾ شامل ٿيو.


هوڏانهن يروشلم ۾ رسولن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت خدا جو پيغام قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون.


تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ رسولن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن خداوند عيسيٰ کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ عيسيٰ جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان تبليغ ڪئي.


پر هڪ دفعي جڏهن پطرس انطاڪيا شهر ۾ آيو تہ مون آمهون سامهون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو صفا غلطيءَ تي هو.


پر هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي واپس آيو آهي ۽ اوهان جي ايمان ۽ پيار جي باري ۾ سٺو احوال ڏنو اٿائين. هن اسان کي ٻڌايو آهي تہ اوهين اسان کي هميشہ دل سان ياد پيا ڪريو ۽ اسان سان ملڻ جي گھڻي سڪ اٿوَ، جهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي لاءِ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ