Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:40 - Muslim Sindhi Bible

40 پر خدا ٽئين ڏينهن تي کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ظاهر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 پر خدا هن کي ٽئين ڏينهن جياري اُٿاريو ۽ پڌرو ڪري ڏيکاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پر ايشور ٽئين ڏينهن تي کيس مئلن مان وري جيوت ڪري ظاهر ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 خدا ٽئين ڏينھن تي کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ پڌرو ڪري ڏيکاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:40
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ جيڪو يهوداہ اسڪريوتي نہ، پر ٻيو يهوداہ هو، تنهن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوهين پنهنجو پاڻ کي اسان تي تہ ظاهر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“


ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي جهان جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“


پر خدا هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيئرو ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


انهيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون.


مسيح انهيءَ لاءِ ئي مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو تہ جيئن هو مئلن توڙي جيئرن ماڻهن جو مالڪ ٿئي.


هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ خدا جو روح موجود آهي، جنهن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيارڻ وارو اوهان جي فاني جسمن کي بہ پنهنجي انهيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو.


ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنهن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪيو آهي، سو عيسيٰ سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيئرو ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


مسيح جي ئي وسيلي اوهين خدا تي ايمان رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيئرو ڪري عظمت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ئي هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ