Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:37 - Muslim Sindhi Bible

37 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها خوشخبري سڄي يهوديہ ۾ پکڙجي ويئي، جيڪا يحيٰ جي بپتسما واري تبليغ کان پوءِ گليل کان شروع ٿي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 تنهن ڪلام جي خود اوهان کي خبر آهي، تہ يوحنا بپتسما جي منادي ڪئي، تنهن کانپوءِ گليل کان شروع ٿي ساري يهوديہ ۾ مشهور ٿي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها خوشخبري سڄي يهوديہ ۾ پکڙجي ويئي، جيڪا يوحنا جي بپتسما واري پرچار کان پوءِ گليل کان شروع ٿي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 انھيءَ واقعي جي اوھان کي پاڻ خبر آھي، جيڪو يحيٰ جي بپتسما واري تبليغ کان پوءِ سڄي يھوديہ ۾ مشھور ٿي ويو ۽ جنھن جي شروعات گليل کان ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:37
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾ عيسيٰ يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي نجومي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا


انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


پر انهن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يهوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي هن جاءِ تائين هي ماڻهن کي باغي ڪندو رهيو آهي.“


پوءِ عيسيٰ جيڪو پاڪ روح جي طاقت سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آس‌پاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي.


خدا جي خوشخبريءَ جو پيغام جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ عيسيٰ مسيح جيڪو سڀني جو خداوند آهي، تنهن جي وسيلي خدا سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.


اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ خدا اوهان جي اڳيان عيسيٰ ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، خدا انهيءَ جي هٿان معجزا، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


بادشاهہ، جنهن سان آءٌ بي‌ڌڙڪ ٿي ڳالهايان ٿو، تنهن کي بہ انهن ڳالهين جي پوري ڄاڻ آهي، بلڪ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس ڳجھي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڳالهيون ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نہ ٿيون آهن.


سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ