Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ رويا جو مطلب ڇا آهي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ اڃا پطرس انهيءَ رويا تي خيال پئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ درشن جو مطلب ڇا آهي تہ پوِتر آتما کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 پطرس اڃا تائين سوچي رھيو ھو تہ انھيءَ رويا جو مطلب ڇا آھي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻھو تو کي ڳولي رھيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:19
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جو روح ايندو، تڏهن اهو پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندو. اهو پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندو، پر خدا کان جيڪو ٻڌندو سو ئي چوندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندو.


هنن سڏ ڪري پڇيو تہ ”شمعون جيڪو پطرس سڏائيندو آهي، سو هن گھر ۾ رهيل آهي ڇا؟“


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ خدا جي هڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“


پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انهن سان گڏ هليو وڃ.‘ تڏهن آءٌ ۽ اسان جا هي ڇهہ ڀائر گڏجي يافا مان هلي قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر پهتاسين.


هڪ ڏينهن جڏهن هنن روزو رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي تہ پاڪ روح کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“


گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ پطرس اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اوهان کي خبر آهي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوهان مان چونڊيو هو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو پيغام ٻڌي ايمان آڻين.


سو شهر اندر وڃي اتان جي ايمان وارن کي ڳولي ساڻن ملياسين، جن وٽ اسين ست ڏينهن رهياسين. پاڪ روح جي وسيلي مليل ڄاڻ جي ڪري هو پولس کي چوندا ٿي رهيا تہ ”اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“


پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“


مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا نعمتون ورهائي ٿو ڏئي.


پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ آخري ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو ايمان کان ڦري گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ