Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:26 - Muslim Sindhi Bible

26 پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 پوءِ انهن جي لاءِ پُکا وڌائون؛ ۽ پُکو متياهہ جي نالي نڪتو؛ تڏهن اهو انهن يارهن رسولن ۾ شامل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 پوءِ انھن ٻنھي جي لاءِ پُکا وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ ھو يارھن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:26
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي بنا ڪنهن طرفداريءَ جي ڪُڻن رستي ورهايا ويا تہ جيئن ٻنهي گھراڻن مان هيڪل جا اهي عملدار ۽ ڪاهن ترتيبوار مقرر ڪيا وڃن.


اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهنن ۽ لاوين سميت هر سال ڪُڻا وجھنداسون، تہ جيئن اهو طئي ڪريون تہ اسان جي گھراڻن مان ڪنهن کي هيڪل ۾ مقرر وقتن تي قربانين لاءِ ڪاٺيون آڻڻيون آهن تہ جيئن خداوند پنهنجي خدا جي قربان‌گاهہ تي شريعت جي لکيت مطابق ساڙيون وڃن.


يروشلم ۾ بني اسرائيل قوم جا اڳواڻ رهندا هئا. بني اسرائيل جي باقي گھراڻن لاءِ بہ ڪڻا وڌا ويا تہ جيئن منجھائن ڏهن ڪٽنبن مان هڪڙو پاڪ شهر يروشلم ۾ اچي رهي، جڏهن تہ باقي نَوَ ڪٽنب پنهنجن ئي شهرن ۾ رهن.


عقلمند انسان لاءِ عقل حياتي بخشيندڙ چشمو آهي، مگر بي‌عقل بي‌وقوفيءَ جي تربيت حاصل ڪري ٿو.


انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو رٿي، مگر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي خداوند ٿو چاهي.


هارون انهن ٻنهي ٻڪرن لاءِ پُکا وجھي، هڪڙو پُکو ’خداوند جي لاءِ‘ ۽ ٻيو ’ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ.‘


انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.


ٻارهن ئي رسول واپس اچي عيسيٰ وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.


سو انهن ٻن ماڻهن جا نالا پيش ڪيا، هڪڙو يوسف، جنهن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا هئا ۽ ٻيو متياہ.


تڏهن هن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ستن قومن کي ناس ڪري بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايو.


پوءِ پطرس ٻين يارهن رسولن سان گڏ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيائين تہ ”اي يهودي دوستؤ ۽ يروشلم جا ٻيا سڀيئي رهواسيؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو.


سندن اهو ورثو ڪڻن جي ذريعي انهن ساڍن نون قبيلن کي ورهائي ڏنو ويو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو.


تڏهن يشوع هنن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي آڏو ڪُڻان وڌا ۽ اتي هن بني اسرائيل جي باقي بچيل قبيلن کي اهو ملڪ ورهائي ڏنو.


انهيءَ شهر جو ڪوٽ ٻارهن بنيادي پٿرن تي اڏيل هو ۽ هر هڪ پٿر تي گھيٽڙي جي ٻارهن رسولن مان هڪ هڪ جو نالو لکيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ