Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اهي سڀيئي عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪجھہ عورتن ۽ عيسيٰ جي ڀائرن سان گڏجي دعا گھرندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اِهي مڙيئي، ۽ جيڪي زالون اُتي هيون، ۽ يسوع جي ماءُ مريم، ۽ سندس ڀائر، هڪ دل ٿي عبادت ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اهي سڀيئي يسوع جي ماتا مريم سميت ڪجھہ نارين ۽ يسوع جي ڀائرن سان گڏجي پرارٿنا ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 1:14
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون.


پوري يقين سان اوهين جيڪي بہ دعا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“


اتي ڪيتريون ئي عورتون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان عيسيٰ جي خدمت ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون.


اُتي ڪي عورتون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون.


سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن عيسيٰ جي لاش کي هڻن.


جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آسمان وارو پيءُ اوهان گھرڻ وارن کي پاڪ روح ڪونہ ڏيندو ڇا؟“


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ


جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل عورتون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون.


جيڪي عورتون گليل کان عيسيٰ سان گڏجي آيون هيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اها قبر ڏٺي ۽ اهو بہ تہ عيسيٰ جو لاش ڪيئن ان ۾ رکيو ويو آهي.


جن عورتن انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون.


پوءِ تہ انهيءَ ئي گھڙيءَ هو اُٿي يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي هنن يارهن شاگردن کي ٻين پوئلڳن سان گڏ ڏٺو.


اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار خدا جا شڪرانا ادا ڪندا رهيا.


تنهن تي کيس ٻڌايو ويو تہ ”اوهان جي ماءُ ۽ اوهان جا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهين.“


جڏهن عيد پنتيڪُست جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي ايمان وارا اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا.


اهي پنهنجو وقت رسولن کان سکڻ، هڪٻئي جي صحبت ۾ رهڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذارڻ لڳا.


اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.


پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“


اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ هميشہ مشغول رهو.


تنهنڪري اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.


پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


دعا ۾ سجاڳ رهو ۽ شڪرگذاري ڪندي انهيءَ ۾ مشغول رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ