3.يوحنا 1:10 - Muslim Sindhi Bible10 سو جيڪڏهن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم ديترفيس ڪري ٿو، سي اچي اوهان کي ياد ڏياريندس تہ ڪيئن هو اسان جي خلاف بڪواس ٿو ڪري. هو رڳو انهيءَ ڳالهہ تي راضي نہ ٿو ٿئي، پر تبليغ ڪرڻ وارن کي بہ قبول نہ ٿو ڪري ۽ جيڪي انهن کي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 تنهنڪري جي آئون آيس تہ جيڪي ڪم هو ڪري ٿو، سي اچي ظاهر ڪندس، تہ ڪيئن هو اسان جي برخلاف خراب ڳالهيون ٿو بڪي. ۽ ايتري تي بہ راضي نہ آهي پر پاڻ ڀائرن کي قبول نٿو ڪري، ۽ جيڪي قبول ڪرڻ گهُرن ٿا تن کي بہ منع ٿو ڪري، ۽ ڪليسيا مان ڪڍيو ڇڏي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible10 سو جيڪڏهن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم ديترفيس ڪري ٿو، سي اچي اوهان کي ياد ڏياريندس تہ ڪيئن هو اسان جي خلاف بڪواس ٿو ڪري. هو رڳو انهيءَ ڳالهہ تي راضي نہ ٿو ٿئي، پر پرچار ڪرڻ وارن کي بہ قبول نہ ٿو ڪري ۽ جيڪي انهن کي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري منڊليءَ مان ڪڍي ڇڏي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament10 سو جيڪڏھن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم دياترفيس ڪري ٿو، تن کي اچي ظاھر ڪندس تہ ھو ڪيئن اسان جي خلاف بڪواس ڪري ٿو. ھو ايتري تي بہ راضي نہ ٿو ٿئي، بلڪ پاڻ تہ ايمان وارن کي قبول نہ ٿو ڪري، پر جيڪي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري ٿو ۽ کين ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏي ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.