Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.تيمٿيس 4:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا تعليم ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم جي برداشت نہ ڪندا؛ پر ڪَنن جي خارش ڪري پنهنجين خواهشن موجب پنهنجي لاءِ گهڻا ئي اُستاد آڻي گڏ ڪندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح سکيا برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا سکيا ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ڇالاءِ⁠جو اھڙو وقت ايندو، جڏھن ماڻھو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. پر ھو پنھنجين خواھشن جي پورائي لاءِ پنھنجي چوڌاري گھڻا ئي اھڙا استاد آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اھو ئي ڪجھہ ٻڌائيندا جيڪو سندن خارش وارا ڪن ٻڌڻ چاھين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.تيمٿيس 4:3
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن الياس کين چيو تہ ”خداوند جي نبين مان فقط آءٌ ئي هڪڙو نبي وڃي بچيو آهيان، پر بعل ديوتا جا نبي سڏائيندڙ ساڍا چار سؤ آهن.


تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ ”مون توهان کي نہ چيو هو تہ هو منهنجي حق ۾ ڪا چڱي پيشن‌گوئي نہ ڪندو، بلڪ منهنجي خلاف ڪندو!“


اخي‌اب وراڻيو تہ ”هائو، هڪڙو نبي باقي آهي جيڪو املہ جو پٽ ميڪاياہ آهي. انهيءَ کان اسين خداوند جي مرضي معلوم ڪري سگھون ٿا پر مون کي کانئس نفرت آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حق ۾ ڪڏهن بہ ڪا چڱي پيشن‌گوئي نہ ٿو ڪري، بلڪ هميشہ منهنجي خلاف ٿو ڪري.“ يهوسفط کيس چيو تہ ”اوهان کي ائين چوڻ نہ گھرجي.“


پر خداوند موسيٰ کي وراڻيو تہ ”جنهن منهنجو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جو ئي نالو آءٌ پنهنجي ڪتاب مان مِٽائي ڇڏيندس.


هن تہ اوهان سان پوري امن وَ سلامتيءَ، ۽ آرام وَ سڪون جو واعدو ٿي ڪيو، پر اوهان سندس هڪ بہ نہ ٻڌي.


اهي غيبدانن ۽ نبين کي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪندي چون ٿا تہ ’اوهين رويائن ڏانهن ڌيان ڏيندي اسان کي حق سچ جون ڳالهيون ٻڌائڻ بجاءِ، رڳو اسان جي پسند جون ڳالهيون ٻڌايو، توڙي اهي ڪوڙيون ئي ڇو نہ هجن.


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“


تنهنڪري اوهين پنهنجن انهن نبي سڏائيندڙن، غيبدانن، خواب جو تعبير ڪندڙن، فال وجھندڙن يا جادوگرن جي ڳالهہ نہ ٻڌجو، جيڪي اوهان کي اڳڪٿي ڪري ٻڌائين ٿا تہ ”اوهين بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪندا.“


آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ ڪري ائين چوان ٿو تہ جيئن اوهين پاڻ منجھہ رهندڙ نبي سڏائيندڙن ۽ غيب دانن کان نہ ٺڳجو. جلدي وطن واپس موٽڻ وارين سندن اڳڪٿين ۽ خوابن کي اوهين قبول نہ ڪجو.


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا، جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ ”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“


انهيءَ گھڙي ئي شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي.


مصيبت آهي اوهان لاءِ، جڏهن ماڻهو اوهان کي ساراهين ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا هئا.“


تنهنڪري ئي اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو.


حقيقت ۾ اٿينس جا سڀيئي رهاڪو ديسي توڙي پرديسي پنهنجو وقت هميشہ نيون نيون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا هئا.


جڏهن آءٌ اوهان ڀائرن ڀينرن وٽ آيو هئس تہ مون خدا جي راز جي منادي ڏکين ۽ ڏاهپ وارن لفظن کان سواءِ ڪئي هئي.


منهنجي تقرير ۽ تبليغ ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جهڙيون ثابت ٿي پئي ويون،


تہ پوءِ ڇا سچ ٻڌائڻ جي ڪري هاڻي آءٌ اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان؟


اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.


اهي صحيح ڳالهيون جيڪي تو مون کان ٻڌيون، تنهنجي لاءِ هڪ نمونو آهن. سو تون انهن کي انهيءَ ايمان ۽ محبت سان دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪي مسيح ۾ تو کي آهن.


”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌دينيءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ