Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.تيمٿيس 4:20 - Muslim Sindhi Bible

20 اراستس ڪرنٿس شهر ۾ رهي پيو، جڏهن تہ تروفيمس کي بيمار هئڻ ڪري ميليتس شهر ۾ ڇڏڻو پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 اراستس ڪرنٿس ۾ رهيو: پر تروفيمس کي مون مليتس ۾ بيمار ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اراستس ڪرنٿس شهر ۾ رهي پيو، جڏهن تہ تروفيمس کي بيمار هئڻ ڪري ميليتس شهر ۾ ڇڏڻو پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 اراستس، ڪرنٿس شھر ۾ رھي پيو ۽ تروفيمس کي بيمار ھئڻ ڪري مون مليتس شھر ۾ ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.تيمٿيس 4:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڳالهين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس شهر ۾ اچي پهتو.


عبادت‌خاني جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو پيغام ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


سو هن پنهنجي مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي اڳواٽ مڪدُنيا صوبي ڏانهن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وڌيڪ عرصو آسيا صوبي ۾ رهي پيو.


ان کان پوءِ اسين ٻئي ڏينهن تي خيُس ٻيٽ وٽ ۽ ٽئين ڏينهن تي سامس ٻيٽ وٽ پهتاسين، جتان وري چوٿين ڏينهن تي ميليتس ۾ آياسين.


پولس ميليتس مان اِفسس وارن ڏانهن نياپو موڪليو تہ اتي جي ڪليسيا جا اڳواڻ اچي ساڻس ملن.


آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ.


هنن اهو انهيءَ ڪري چيو جو اِفسس جي هڪ شخص تروفيمس کي شهر ۾ پولس سان گڏ ڏٺو هئائون ۽ سمجھيو هئائون تہ پولس کيس هيڪل ۾ وٺي آيو آهي.


گيُس بہ اوهان کي سلام ٿو ڏئي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي ڪليسيا جي پنهنجي گھر ۾ مهمان‌نوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو هم‌ايمان ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي سلام ڏئي رهيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ