Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 9:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اهڙيءَ طرح مفيبوست جيڪو ٻنهي پيرن کان منڊڪائيندو هو، سو يروشلم ۾ رهڻ لڳو ۽ هميشہ بادشاهہ جي دسترخوان تي ماني کائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 انهيءَ طرح مفيبوست يروشلم ۾ رهڻ لڳو: ڇالاءِ جو هو هميشہ بادشاهہ جي دسترخاني تي کائيندو هو. ۽ هو ٻنهي پيرن کان منڊو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 9:13
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اٽلندو هن منهنجي آقا بادشاهہ وٽ اچي اوهان جي ٻانهي تي تهمت هنئي آهي. پر جيئن تہ منهنجو آقا بادشاهہ پرکڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي، تنهنڪري جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.


سائول جي ٻئي پٽ يونتن کي هڪڙو منڊو پٽ هو، جنهن جو نالو مفيبوست هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي مرڻ جي خبر يزرعيل شهر ۾ پهتي هئي تہ ان وقت هو پنجن سالن جو هو. تڏهن سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي هئي ۽ جيئن ئي هوءَ تڪڙي ٿي ڊوڙي تيئن هو ڪري پيو ۽ ٻنهي ٽنگن کان منڊو ٿي پيو هو.


مفيبوست کي هڪڙو ننڍڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو. ضيبا جي گھراڻي ۾ رهندڙ سڀيئي ماڻهو مفيبوست جا نوڪر هئا.


بادشاهہ وڌيڪ پڇيس تہ ”ڇا سائول جي گھراڻي مان ڪو باقي بچيو آهي تہ آءٌ انهيءَ تي خدا جي نالي مهرباني ڪريان؟“ تنهن تي ضيبا بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”يونتن جو هڪڙو پٽ باقي بچيو آهي، جيڪو ٻنهي ٽنگن کان جڏو آهي.“


تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“


سو يهوياڪين قيدين وارا ڪپڙا بدلايا ۽ پنهنجي سڄي حياتي بابل جي بادشاهہ سان گڏ سندس دسترخوان تي کائيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ