Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 8:18 - Muslim Sindhi Bible

18 بناياہ ولد يهويدع خاص محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ ڪاهن مقرر هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ بناياہ بن يهويدع، ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ ڪاهن هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 8:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سندس سڀ عملدار سندس خاص محافظن ۽ جاتين سميت، جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو هئا ۽ جات شهر مان سندس پٺيان آيا هئا، سي بادشاهہ جي پاسي کان ٿي اڳيان اچي لنگھيا.


يوآب بني اسرائيل جي سڄي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو. بناياہ ولد يهويدع شاهي محافظن جو سالار هو.


ان کان علاوہ يائر گھراڻي جو عيرا پڻ دائود جو هڪڙو ڪاهن هو.


تڏهن يوآب جا محافظ، شاهي محافظ ۽ سڀيئي بهادر ماڻهو ابي‌شيءَ سان گڏ يروشلم مان نڪري سبع ولد بڪريءَ جي پٺيان ڪاهي پيا.


سو صدوق ڪاهن، ناتن نبي، بناياہ ولد يهويدع ۽ شاهي محافظ سليمان کي بادشاهہ دائود جي خچر تي ويهاري کيس جيحون چشمي ڏانهن وٺي ويا.


بادشاهہ دائود صدوق ڪاهن، ناتن نبي، بناياہ ولد يهويدع ۽ شاهي محافظ هن سان گڏ موڪليا ۽ هنن کيس بادشاهہ جي خچر تي سوار ڪيو.


پر صدوق ڪاهن، بناياہ ولد يهويدع، ناتن نبي، شمعي، ريعي ۽ دائود جي محافظن ادونياہ جو ساٿ نہ ڏنو.


سو بادشاهہ سليمان يهويدع جي پٽ بناياہ کي حڪم ڏيئي روانو ڪيو ۽ هن وڃي ادونياہ کي قتل ڪيو.


يهويدع جو پٽ بناياہ جيڪو سپهہ‌سالار هو، صدوق ۽ ابي‌ياتر جيڪي ڪاهن هئا،


ناتن جو پٽ عزرياہ جيڪو ضلعي عملدارن جو نگران هو، ناتن جو پٽ زبود جيڪو ڪاهن ۽ بادشاهہ جو مشير هو،


پوءِ ستين سال ۾ يهويدع ڪاهن شاهي محافظن ۽ محل جي پهريدارن جي سالارن کي گھرائي کين خداوند جي هيڪل ۾ اچڻ لاءِ چيو. اتي هن سندن وفاداريءَ لاءِ قسم کڻائي کانئن عهد ورتو، تنهن کان پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ يوآس ڏيکاريائين.


انهيءَ کان علاوہ بناياہ ولد يهويدع هو، جيڪو قبضيل نالي شهر جو بهادر شخص هو، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا. هن موآب جي ٻن بهادرن کي قتل ڪيو ۽ برفباريءَ وارن ڏينهن ۾ هڪڙيءَ کڏ ۾ لهي هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو هئائين.


بناياہ ولد يهويدع دائود جي ذاتي محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ اعليٰ درجي تي مقرر هئا.


تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا اعلان ٿو ڪريان تہ آءٌ انهن تي حملو ڪري اتان جي سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيندس. ڪريتي قبيلي کان وٺي سمنڊ جي ڪناري وارن ماڻهن تائين، سڀيئي فلستي ناس ٿي ويندا.


ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ! خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي. اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو، ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


اسان ڪريتين جي ڏکڻ واري پاسي تي، يهوداہ جي علائقي تي ۽ ڪالب جي علائقي جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي هئي ۽ صِقلاج شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ