Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




2.سموئيل 8:15 - Muslim Sindhi Bible

15 دائود سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي. هو پنهنجي سڄي رعيت سان عدل ۽ انصاف ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجي ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




2.سموئيل 8:15
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابي‌سلوم انهيءَ کي چوندو هو تہ ”تنهنجيون ڳالهيون تہ چڱيون ۽ صحيح آهن، پر بادشاهہ وٽ اهڙو ڪو نائب مقرر ڪيل ئي ڪونهي جيڪو تنهنجي دانهن ٻڌي.“


يوآب بني اسرائيل جي سڄي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو. بناياہ ولد يهويدع شاهي محافظن جو سالار هو.


پوءِ ابنير دائود ڏانهن پنهنجا قاصد موڪليا، جيڪو ان وقت حبرون ۾ هو. هن کيس چوائي موڪليو تہ ”هن ملڪ تي ڪير حاڪم ٿيندو؟ تون مون سان معاهدو ڪر تہ آءٌ سڄي بني اسرائيل کي تنهنجي پاسي آڻڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس.“


هن حبرون ۾ يهوداہ تي ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي ۽ يروشلم ۾ سڄي بني اسرائيل ۽ يهوداہ تي ٽيٽيهہ سال بادشاهي ڪيائين.


هن سڄي ادوم ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ سڀ ادومي دائود جا تابعدار ٿيا. سو دائود جيڏانهن ٿي ويو، اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.


يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو فوج جو سپهہ‌سالار هو ۽ يهوسفط ولد اخيلود شاهي منتظم هو.


خداوند تنهنجي خدا جي واکاڻ هجي جيڪو تو مان راضي آهي ۽ تو کي بني اسرائيل جي تخت تي ويهاريو اٿائين. جيئن تہ خداوند کي بني اسرائيل سان دائمي پيار آهي تنهنڪري هن تو کي انهن جو بادشاهہ بڻايو آهي تہ جيئن تون انصاف ۽ سچائي قائم رکين.“


بادشاهہ سليمان سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪندو هو.


دائود پنهنجي سڄي قوم بني اسرائيل تي عدل ۽ انصاف سان بادشاهي ڪئي.


آءٌ حق ۽ سچ تي عمل ڪندو رهان ٿو، سو جيڪي مون تي ظلم ٿا ڪن، تن جي حوالي مون کي نہ ڪجانءِ.


تڏهن هو سچائيءَ سان تنهنجي قوم جي عدالت ڪندو، ۽ تنهنجي غريبن تي انصاف سان حڪمراني ڪندو.


خدا ٿو فرمائي تہ ”آءٌ پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي، هر ڪنهن جو سچائيءَ سان انصاف ڪندس.


تنهنجو تخت عدل ۽ سچائيءَ جي بنياد تي بيٺل آهي، دائمي شفقت ۽ وفا تنهنجي آڏو رهن ٿيون.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو، ۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو. ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي.


انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر، ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو.


ايمان جي ڪري ئي انهن مان ڪن بادشاهتون فتح ڪيون، ڪن انصاف سان نگهباني ڪئي، ڪن اهي برڪتون حاصل ڪيون جن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا.


جڏهن کان سائول بني اسرائيل مٿان پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، تڏهن کان هو پنهنجي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن يعني موآبين، عمونين، ادومين، ضوباہ جي بادشاهن ۽ فلستين سان جنگ ڪندو رهيو. هن جنهن پاسي منهن ٿي ڪيو، تنهن پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ