2.سموئيل 7:27 - Muslim Sindhi Bible27 اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو ئي تہ پنهنجي هن ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو آهي تہ تون منهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهي گھراڻو قائم ڪندين. اهو ئي سبب آهي جو تنهنجي هن ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ تو کان هيءَ دعا گھري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible27 ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ چيو تہ آءٌ، تنهنجي لاءِ گهر جوڙيندس: تنهنڪري تنهنجي ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ توکان هيءَ دعا گهري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان تنهن تي جيڪڏهن تون عمل ڪندين ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪندين، منهنجي قاعدن قانونن ۽ منهنجي حڪمن تي قائم رهندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود قائم رهيو هو، تہ پوءِ آءٌ تو سان گڏ هوندس. آءٌ بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن مٿان تنهنجي بادشاهت قائم رکندس ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد حڪمراني ڪندي، جيئن دائود لاءِ ڪيو هئم.
تنهنڪري مون سوچيو تہ اها ڳالهہ تو کي ٻڌائي ڇڏيان ۽ اهو بہ چوان تہ تون هنن سڀني ويٺل ماڻهن، يعني اسان جي قوم جي اڳواڻن جي روبرو اها ٻني خريد ڪر. جيڪڏهن تون اها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گھرين ٿو تہ ڀلي ڇڏاءِ. پر جيڪڏهن تون اها ڇڏائڻ نہ ٿو چاهين تہ ٻڌائي ڇڏ تہ مون کي خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ کي ڇڏائڻ جو پهريون حق تنهنجو آهي ۽ تو کان پوءِ منهنجو.“ انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”آءٌ اها ڇڏائيندس.“