2.سموئيل 7:24 - Muslim Sindhi Bible24 تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي واسطي پنهنجي قوم بڻايو ۽ تون، اي خداوند! انهن جو خدا بڻيو آهين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible24 تو پنهنجي لاءِ پنهنجي قوم اسرائيل کي قائم ڪيو تہ اها هميشہ جي لاءِ تنهنجي قوم ٿئي؛ ۽ تون، اي خداوند انهن جو خدا ٿين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.